ميرعلي نواز علوي شڪارپوري

ميرعلي نواز علوي شڪارپوري : مير علي نواز ولد ميان فخرالدين 1851ع ڌاري شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. هيءُ شڪارپور جي مشهور علوي خاندان مان هو. سندس والد خيرپور رياست جي زماني ۾ مير علي مراد خان ٽالپر جي حڪومت دوران ڪافي عرصو رياست جو وزير اعلى ٿي رهيو. مير علي نواز، شڪارپور مان تعليم پرائي، سنڌي زبان سميت عربي، فارسي ۽ سرائڪي پڻ چڱي نموني ڄاڻندو هو. کيس شاعريءَ سميت علم ۽ ادب سان گهري دلچسپي هئي. هيءُ هڪ ئي وقت سياستدان، علم طب جو ڄاڻو ۽ عالم هو. سندس دلچسپي خاص طور تي طب جي علم سان هئي. سموري ڄمار طب جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين، سندس هٿ ۾ شفا پڻ هئي. مير علي نواز علويءَ طب جي موضوع تي ڪيتروئي مواد لکيو، جيڪو سندس پونئيرن وٽان ضايع ٿي ويو. هن ‘بشارة الاهل الاشاره’ نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو شايع پڻ ٿيو. اهو ڪتاب 300 صفحن تي مشتمل آهي. سندس تصنيف ڪيل هن ڪتاب کي پنهنجي دور ۾ وڏي مشهوري ملي. مير علي نواز جي شاعري ابتدا ۾، غالباً 1916ع ڌاري لاهور مان ڇپي. ان جو ٻيو ايڊيشن سڌارن ۽ واڌارن سان، ڊاڪٽر نواز علي شوق مرتب ڪري 1982ع ۾ ڪراچيءَ مان نروار ڪيو. ان ۾ سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ڪلام ڏنو ويو آهي. مير صاحب جي ‘ڪليات علوي’ جو ٻيو مرتب، ڊاڪٽر عبدالخالق ‘راز’ سومرو آهي. ان هن شعري مجموعي ۾ سنڌي سرائڪي ۽ اردو ڪلام ڏنو آهي. هي ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ، 1993ع ۾ ڇپايو. ان کان سواءِ هندي ۽ اردو شعرن جو پڻ وڏو ذخيرو ڪتاب ۾ آندل آهي. سرائڪيءَ ۾ ڪيتروئي ڪلام چيو اٿائين، سندس ڪلام فصيح ۽ بليغ آهي. مير علي نواز علويءَ جو بنيادي طور تي تعلق سياست سان وابسته هڪ گھراڻي سان هو، ان ڪري هن سياست ۾ پڻ حصو ورتو، ان جي پيش نظر 1911ع ۾ شڪارپور ميونسپل جو وائيس چيئرمئن ۽ 1919ع ۾ شڪارپور بئنچ جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو. سندس اعلى اخلاق، سخا ۽ مهمانوازيءَ سان ڪيترائي گڻ مشهور آهن. هن صاحب علم شخص، اديب ۽ سياستدان 1920ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو